سيد صلاح الدين شاهه

سيد صلاح الدين شاهه: سيد صلاح الدين شاهه، سيد صدرالدين شاهه لڪياريءَ جو ڀائيٽو هو. قلندر لعل شهباز سان لڪيءَ مان گڏجي سيوهڻ پهتو ۽ سندس طالب ٿيو، قلندر شهباز جي وصال کانپوءِ سندس مسند جو وارث ۽ سجاده نشين ٿيو. هن سيوهڻ ۾ هڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جيڪو ’شاهه صدرالدين‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. سيوهڻ ۾ سندس قائم ڪيل ’شاهه اولاديءَ‘ جي ڪافي مشهور آهي، جنهن جو هن وقت خليفو محرم شاهه آهي.
تحفة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته، ”شاهه صلاح الدين لڪياري ساداتن مان هو، پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي طفيل دين خواه دنيا ۾ نالو ڪمايائين ۽ قلندر لعل شهباز جي وصال کانپوءِ ابراهيم شاهه جتي ستيءَ جو طالب ٿيو ۽ لعل شهباز جي درگاهه جي سجاده نشين ٿيو.“


لفظ سيد صلاح الدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو